برمودا ٽڪنڊي جي حقيقت…!!


تازو ئي هڪڙي آمريڪي خبر رسان ويب سائيٽ ڌرتيِءَ جي پر اسرار ترين خطي برمودا ٽڪنڊي جي راز کي ڳولي لهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ، اهو برمودا ٽڪنڊو آمرڪي رياست فلوريڊا ،پيورٽو ءِ برمودا جي وچ ۾ واقع سمنڊ جو هڪ وڏو حصو آهي، جنهن مطابق ڪافي صدين کان چيو پيو وڃي ته اتي ڪيترائي بحري ءِ هوائي جهاز غم ٿي چڪا آهن جن جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي، ءِ انهن حادثن ۾ بيشمار قيمتي جانيون پڻ ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪجهه حلقه ان خطي کي دجالي ٽڪنڊو يا شيطاني ٽڪنڊو به ڪوٺن ٿا، پر سائنس به ڪيترين ئي صدين کان ان راز جي کوجنا ڪري رهي آهي  پر اڄ تائين ڪنهن مستند نتيجي تي نه پهچي سگهي آهي، مختلف وقتن تي مختلف سائنسدان ٻڌائيندا رهن ٿا ته اتي ڪشش ثقل جو زور تمام وڌيڪ آهي جنهن ڪري هر شئ ان جي طرف ڇڪجي وڃي ٿي، ءِ ڪجهه سائنسدانن جي مطابق ته اتي مقناطيسي ميدان تمام گهڻا طاقتور آهن جيڪي هر شئ کي پنهنجي طرف ڇڪيو وڃن، پر سوال اهو ٿواڀري ته اڄ تائين جيڪي به بحري يا هوائي جهاز ان غم ٿي ويا آهن نه ئي ڪنهن انسان جو جسم لڌو ويو آهي ءِ ن ئي ڪنهن جهاز جو ملبو، ته پوءِ اهو ملبو آخر وڃي ڪيڏانهن ٿو؟

تازو ئي هڪ آمريڪي خبر رسان اداري لکيو آهي ته سوين سال پهرين صومالي بحري جها ز جو ملبو لڌو ويو آهي جنهن تي سائنسدانن جي تحقيق جاري آهي، پر اهو به ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان ٽڪنڊي جي مٿان تقريبا 82 ڪلوميٽر تي گئس بادل ڇائنيل رهن ٿا جيڪي انتهائي خطرناڪ آهن ءِ هوائي بم جي طور ڪم ڪن ٿا جيڪي هرشئ کي تباه ءِ برباد ڪري ڇڏين ٿا. پر ان جي به ڪا تصديق نه ٿي سگهي آهي.

هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اڄ جي جديد سائنس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ان مخفي راز کي فاش ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي يا نه؟

اميد آ ته هن آرٽيڪل اوهانجي ڄاڻ ۾ ٿورو اضافو ضرور ڪيو هوندو..

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Blog at WordPress.com.

Up ↑

%d bloggers like this: