سائنس جي دنيا ۾ هڪ وڏي دريافت ، ثقلي مُوجُون


جيئين جيئين ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ايندي ٿي وڃي تيئين ئي سائنسي دريافتن ۾ به تيزي ايندي پئي وڃي ، هر روز دنيا ۾ نيون ايجادون ٿين ٿيون جيڪي انساني ڀلائي لاءِ استعمال پڻ ٿين ٿيون. سائنس به ڪائنات ۾ سمايل انهن نشانين کي پرکڻ  ۾ اڳتي رهي آهي ءِ قدرت جي رازن کي سمجهڻ ۾ ڪوشان آهي انهيءَ سلسلي کي وڌائيندي تازو ئي هن صدي جي اهم ترين دريافت سامهون آئي  آهي جنهن کي ثقلي موجون يا لهرون چيو پيو وڃي.

هن دريافت کي سمجهڻ لاءِ پهرين ان جي تاريخي حيثيت ءِ تحقيقي ڪم کي سمجهڻ تمام ضروري آهي ان لاءِ پهرين ڪجهه پوئتي نهاريون ٿا.20 صدي جي عظيم سائنسندان ءِ سائنسي حلقن ۾ جديد  طبعيات جو ابو سڏجندڙ سر البرٽ آئنسٽائين اٽڪل 100 سو سال پهرين ثقلي موجن وارو نظريو ڏنو جيڪو ان وقت  قبوليت جي لائق نه هو. حالانڪ البرٽ آئنسٽائين پنهجي نظريئي کي رياضياتي بنياد تي ثابت به ڪيو پر ان کي عملي بنياد تي دنيا آڏو آڻي نه سگهيو .  هن اها ڳالهه پنهنجي جڳ مشهور نظريئي اضافيت کي بنياد بڻائي پيش ڪيو هئو، جنهن جي مطابق ثقلي موجون خلائي وقت ۾ پيدا ٿيندڙ اهي لهرون آهن جيڪي پنهنجي پيدا ڪندڙ ذريعي کان پري يا ٻاهر ويندڙ طرف ۾ سفر ڪن ٿيون ءِ اُهي موجون پنهنجي توانائي ثقلي شعائن جي صورت ۾ منتقل ڪن ٿيون. ان وقت جي ڪجهه سائنسدانن آئنسٽائين جي ان نظريئي جي مخالفت پڻ ڪئي ڇاڪاڻ ته طبيعات جي عظيم سائنسندان سر آئسڪ نيوٽن به پنهنجي ڪشش ثقل واري نظرئيي ۾ ان جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن ۾ هن تاريخي جسمن جي حرڪت جا قانون  پيش ڪيا . ڪشش ثقل جي زور بابت به وسيع معلومات ڏني ءِ  ان جا ڪائناتي قانون پڻ ڏنا.پر نيوٽن اهو به نه چيو هئو ته ڪشش ثقل جي موضوع تي اها ڄاڻ ئي ڪافي آهي يا انکانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ٿي سگهي يا منهنجا پيش ڪيل قانون ئي مڪمل آهن. نيوٽن  آئنسٽائين کان تمام گهڻو اڳ مري چڪوهو اگر اهو زنده هجي هان ته اضافيت واري نظريئي جي حمايت ڪري هان.آئنسٽائين جو اضافيت وارو نظريو جديد دور جي فلڪي طبيعات جو هڪ اهم حصو آهي ءِ انهي کي بليڪ هولز (ڪارا خول) جيڪو اڄ جي فلڪي  سائنسدانن جو سڀ کان اهم تحقيقي موضوع آهي،اهي بليڪ هولز ڇا آهن؟ انهن جو ذڪر ڪنهن ٻئي آرٽيڪل ۾ ضرور ڪنداسين.اضافيت وارو نظريو  خلا جي جيوميٽري، خلا ۾ اهي جايون جن جي ڪشش ثقل تمام گهڻي آهي ، ءِ خلا ۾ موجود اهي مادا جن مان شديد قسم جا شعاع نڪرن ٿا جهڙوڪ (گئليٽڪ نيوڪليائي يا مائڪروڪوسارس) وغيره کي سمجهڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

انهي نظريئي تي سائنسدانن پوري دنيا۾ ثقلي موجن جي کوجنا شروع ڪئي. آئنسٽائين سمجهيو هئو ته اِهي ثقلي موجون تمام ننڍيون آهن يا انهن جي سگهه گهٽ آهي، ءِ ان وقت ٽيڪنالاجي به ايتري ترقي پذير نه هئي جيتري هينئر آهي تنهنڪري ان وقت ثقلي موجن جي وجود کي ثابت ڪرڻ ناممڪن هئو. 22 سال اڳ انهن ثقلي موجن جو پتو لڳائڻ لاءِ هڪ پتو لڳائيندڙ اوزار کي ايجاد ڪرڻ جوڪم شروع ڪيو .جنهن کي ليزر انٽرفيروميٽر گريوٽيشنل ويو آبزرويٽري (ِليگو) جو نالو ڏنو ويو. جيڪو گذريل سال کان وٺي تحقيق لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي.

 هن تحقيق تي نيا مان اٽڪل هڪ هزار سائنسدانن حصو ورتو جن ۾ ٻه پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر نرگس ءِ ڊاڪٽر عمران خان به شامل آهن ، 14 سيپٽمبر 2015 تي صبح 11 بجه واشنگٽن آمريڪا ۾ لِيگوسائنسدانن جي مرڪزي تجربيگاه ۾ هڪ  ثقلي موج جو سگنل نوٽ ڪيو جيڪو ٻن ڪارن خولن(بليڪ هولز) جو پاڻ ۾ ملڻ ڪي ڪري پيدا  ٿيو هئو. سائسندانن جي مطابق اٽڪل هڪ بلين سال اڳ اهي بليڪ هولز پنهنجي چوڌاري روشني جي رفتار کان اڌ جيتري رفتار سان گهمي رهيا هئا ءِ پوءِ پاڻ ۾ ملي ويا  جنهن مان ثقلي توانائي ، ثقلي موجن جي صورت ۾ خلا ۾ هر طرف ڦهلجي وئي ، ءِ  نتيجي ۾ هڪ نئون بليڪ هول ٺهيو جيڪو سج جي قطر کان 60 دفعا وڏو هئو ءِ ان مان جيڪا توانائي خارج ٿي اها ڪائنات ۾ موجود مڙني تارن کان 100 ڀيرا وڌيڪ هئي . ءِ ان مان نڪتل ثقلي موجن وقت سان خلا کي ويڙهي پئي ڇڏيو. ءِ اهو ئي آئنسٽائين جو اضافيت وارو نظريئو هئو. اهي ثقلي موجون ڪائنات ۾ ڦهلجنديون ويون ءِ تقريبا پنجاه هزار سال اڳ اهي اسانجي ڪهڪشان (ملڪي وي گئليڪسي) ۾ داخل ٿيون . ءِ گذريل سال14  سيپٽمبر2015 ۾ انهن جو اثر ڏٺو ويو. جنهن کي عوام آڏو نه آندو ويو ءِ سائنسدانن مڪمل کوج ءِ تجربن کانپوءِ ئي ان سگنل کي دنيا آڏو ظاهر ڪيو. ليگو سٿ جي مطابق ان لهر جي ڊيگهه پروٽان جي مايي جي تقريبا ڏهين هزارين 10000/1 حصي جيتري هئي . هن ثقلي موج اسان جي ڌرتي کي هڪ نئنو ميٽر جي هڪ لکهين حصي جيترو فهلايو ءِ سڪوڙيو.ءِ انهن جو اثر هڪ سيڪنڊ جي 45 هين حصي جيترو ماپيو ويو آهي. ليگو جا ٻه مرڪز آهن جيڪي هڪٻئي کان 3.002 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهن ءِ ثقلي موجن جو اثر ٻنهي مرڪز تي ماپيو ويو آهي جيڪو بلڪل ساڳئو آهي.

حقيقت سائنسدانن لاءِ هي دريافت هڪ وڏي ڪاميابي آهي ءِ هڪ ٽيلي ڪمينونيڪيشن انجنيرنگ جو شاگرد هجڻ جي حيثيت سان منهنجي لاءِبه هيءَ هڪ وڏي دريافت آهي ، ڇاڪاڻ ته هن تحقيق سان اسان کي ڪائنات ۾ موجود وڌيڪ رازن جي باري ۾ خبر پوندي ءِ ڪائنات جي وجود، ڌرتي جي ٺهڻ ءِ فلڪيات جي باري ۾ انقلابي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، هي تحقيق هتي ختم  ڪو نه ٿي ٿئي بلڪ منهنجي ذاتي راءِ مطابق هتان کان شروع ٿئي ٿي.ءِ اڃابه کوڙ سارن سوالن جا جواب به ملي سگهن ٿا.ڇا واقعي ئي خلا ۾ وقت رڪجي وڃي ٿو؟ يا واقعي بليڪ هولز ۾ وقت بدلجي پوئتي ٿي وڃي  ٿو؟ ءِ کوڙ سارا ٻيا سوال پڻ. باقي اهو ته ذمه داري سان چئي سگهجي ٿو انيدڙ وقت ۾ اڃا به ڪا وڏي کوجنا ٿيندي . ءِ اها مذهبي روايتن جي مخالفت ڪندي نظر اچي ٿي .اهو وري ڪيئين؟اهو هڪ ٻيو موضوع بڻجي ٿو ان کي ڪنهن ٻئي لمحي بحث هيٺ آڻيداسين.

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Create a free website or blog at WordPress.com.

Up ↑

%d bloggers like this: